پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ زالن ۽ ٻارن جي سماجي تحفظ بابت اهم قانون منظور ڪيو ويو آهي، جنهن تحت زال کي گهورڻ، طلاق يا ٻي شادي جي ڌمڪي ڏيڻ، ۽ زال کي بغير مرضي ٻين ماڻهن سان گڏ گهر ۾ رهڻ تي مجبور ڪرڻ به قابلِ سزا جرم قرار ڏنو ويو آهي۔
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڊوميسٽڪ وائلنس (پريوينشن اينڊ پروٽيڪشن) ايڪٽ 2026 منظور ڪيو ويو آهي، جنهن جو اطلاق وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد تي ٿيندو۔
ڊوميسٽڪ وائلنس ايڪٽ 2026 جو اطلاق زال، ٻارن، گهر جي بزرگ فردن، گود ورتل ٻارن، ٽرانس جينڊر ۽ گڏ رهندڙ ٻين ماڻهن تي به ٿيندو۔
قانون موجب زال، ٻارن يا گهر ۾ رهندڙ ٻين فردن کي گاريون ڏيڻ، جذباتي يا نفسياتي طور تڪليف ڏيڻ به جرم هوندو، ۽ اهڙي ڏوهه جي صورت ۾ ٽي سال تائين قيد يا هڪ لک رپين تائين ڏنڊ لاڳو ٿي سگهي ٿو۔
ايڪٽ ۾ زال، ٻارن، معذور يا بزرگ ماڻهن جو تعاقب ڪرڻ به جرم قرار ڏنو ويو آهي۔ زال کي بغير مرضي ٻين ماڻهن سان گڏ رهڻ تي مجبور ڪرڻ، خاندان جي فردن جي پرائيويسي يا عزتِ نفس کي نقصان پهچائڻ به قابلِ سزا عمل هوندو۔
ايڪٽ مطابق زال يا گهر ۾ رهندڙ ٻين فردن کي جسماني نقصان پهچائڻ جي ڌمڪي ڏيڻ، گڏ رهندڙ ڪنهن به فریق تي الزام هڻڻ، زال ٻارن يا ٻين گهر ڀاتين جي سار سنڀال نه ڪرڻ به ڏوهه ۾ شامل آهي۔
ڊوميسٽڪ وائلنس ايڪٽ ۾ جنسي استحصال سان گڏ معاشي استحصال به شامل ڪيو ويو آهي، ۽ ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ ڇهه مهينا قيد جي سزا به ٿي سگهي ٿي۔
