ڊي جي هيلٿ سروسز پاران جاري ڪيل ليٽر مطابق ميڊيڪل بورڊ جو چيئرمين ميڊيڪل سپريڊنٽ لمس اسپتال جامشورو کي مقرر ڪيو ويو آهي،

ميرپورخاص جي محمود آباد ٿاڻي جي حد ريلوي ڪالوني ۾ ٿيل ناري نيها چوهاڻ جي پوسٽ مارٽم جي سلسلي ۾ سندس قبرڪشائي ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي ميرپورخاص پاران عدالت کي درخواست بعد عدالت جي هدايت تي ڊي جي هيلٿ سروسز پاران ميڊيڪل سپريڊنٽ لمس اسپتال جي سربراهي ۾ 5 رڪني اسپيشل ميديڪل بورڊ جوڙيو ويو آھي. ڊي جي هيلٿ سروسز پاران جاري ڪيل ليٽر مطابق ميڊيڪل بورڊ جو چيئرمين ميڊيڪل سپريڊنٽ لمس اسپتال جامشورو کي مقرر ڪيو ويو آهي،
جڏهن ته قبرڪشائيءَ جي سلسلي ۾ اڃا تائين ڪنھن تاريخ جو اعلان ناھي ڪيو ويو. واضح رهي ته 13 اڪٽوبر 2025ع تي 17 سالا ناري نيها چوھاڻ جو سندس گهر پراسرار نموني موت ٿيو ھو، پوليس فوتڻ جي امڙ عاشي، والد مبين سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ھو. سندس والدين ٿاڻي تي پوليس آڏو قتل جو اعتراف به ڪيو هو.

Post a Comment

Previous Post Next Post