وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ثقافتي ڏهاڙي ايڪتا جي حوالي سان پيغام
اڄ رڳو سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو نه پر پنهنجي سڃاڻپ تي فخر ڪرڻ جو ڏهاڙو آهي، مراد علي شاهه
اڄ صدين جي تهذيب اسان جي ذميواري بڻجي سامهون بيٺل آهي، وڏو وزير مراد علي شاهه
سنڌ جي ثقافت رنگن کان وڌيڪ ڪردار ۽ برداشت جي علامت آهي، مراد علي شاهه
سنڌ جي سرزمين دنيا کي امن، محبت ۽ علم ڏنو، وڏو وزير مراد علي شاهه
اڄ انهيءَ روايت کي اڳتي وڌائڻ جو ڏينهن آهي، وڏو وزير مراد علي شاهه
ايڪتا ڏهاڙو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ٻڌي اسان جي اصل طاقت آهي، وڏو وزير
سنڌي ٻولي ۽ روايتون اسان جي مستقبل جو رخ مقرر ڪن ٿيون، مراد علي شاهه
سنڌ جي سڃاڻپ هڪ ڏينهن جي نه آهي، اِها هر دل ۾ ڌڙڪندڙ تاريخ آهي، وڏو وزير
اسان ماضيءَ کي زندهه رکيو آهي اهو ئي سنڌ جو شان آهي، وڏو وزير مراد علي شاهه
سنڌ جي ثقافتي دنيا ۾ امن چاهيندڙن جو آواز آهي، وڏو وزير مراد علي شاهه
